سڪندر علي مرزا

سڪندر علي مرزا

سڪندر علي مرزا

سڪندر علي مرزا: ناميارو اديب ۽ محقق مرزا سڪندر علي بيگ ’جرار‘، حيدرآباد ۾ ٽنڊي آغا پاڙي جي علمي ادبي مرزا گهراڻي ۾، 5 جنوري 1940ع، جمعي جي ڏينهن تي پيدا ٿيو. قرآني تعليم پنهنجي ڏاڏي مرزا امام علي بيگ کان ورتائين. سندس والد مرزا عباس علي بيگ پڻ سنڌ جو نامور اديب، محقق ۽ تاريخدان هو. سڪندر مرزا ابتدائي تعليم حاصل ڪرڻ کانپوءِ سنڌ يونيورسٽي، ڄام شوري مان بي. اي پاس ڪئي ۽ پوءِ ريڊيو پاڪستان حيدرآباد ۾ ملازمت اختيار ڪئي. علمي ادبي ماحول ۾ هن ننڍي هوندي کان ئي مضمون ۽ شعر و شاعري لکڻ شروع ڪئي ۽ اڪثر طرحي مشاعرن ۾ پنهنجي والد سان گڏ وڃي شعر پڙهندو هو. 1960ع کان سنڌ جي تاريخ بابت سندس تحقيقي مقالا نئين زندگي، مهراڻ ۽ ٻين رسالن ۾ ڇپجڻ لڳا. تعليم دوران 66-1965ع ۾ سٽي ڪاليج مئگزن جو ايڊيٽر رهيو، جنهن ۾ شاعريءَ جي شعبي جو به نگران هو.
سڪندر علي مرزا عربيءَ جي تعليم مولانا حيدر علي جواديءَ کان ورتي، خانهء فرهنگ ايران مان 1970ع ۾ فارسيءَ جي مڪمل تعليم حاصل ڪري سنَد ورتائين ۽ ان کانپوءِ مولانا محمد اسماعيل زريءَ کان علم صرف، علم نحو، علم معاني، علم بيان ۽ علم بديع وغيره جي تعليم ورتائين.
شاعريءَ جي شروعات پنهنجي والد مرزا عباس علي بيگ جي چوڻ تي ڪيائين. سندس پهريون استاد خاندان جو بزرگ مرزا علي بخش ’ڪوثر‘ هو. ان جي وفات کانپوءِ مرزا سڪندر، عروض جي فن ۾ ايڏو ته ماهر هو، جو خاندان جا ننڍا توڙي وڏا کانئس پنهنجن شعرن ۾ اصلاح ڪرائيندا هئا.
سندس عروضي فن ۾ مهارت کي مدنظر رکندي، مخدوم طالب الموليٰ کيس سنڌي علم عروض تي هڪ جامع ڪتاب لکڻ لاءِ چيو، جنهن کانپوءِ سڪندر علي مرزا ’سنڌيءَ جو عروض‘ جي نالي سان هڪ تفصيلي ڪتاب لکيو، جيڪو 1986ع ۾ سنڌالاجيءَ طرفان شايع ٿي چڪو آهي. اهو ڪتاب سنڌي ايم. اي جي ڪورس تي به رکيل آهي.
سڪندر علي مرزا پنهنجي ناني مرزا ٻڍل بيگ وانگر سنڌيءَ ۾ لاجواب مرثيا چيا آهن. سندس تصنيفون هي آهن:
(1) سنڌيءَ جو عروض (1986ع)، (2) سنڌي فصاحت و بلاغت (1975ع)، (3) شعر جي اصلاح جا طريقا (1976ع)، (4) قافيو ۽ رديف، (5) رهنمائي فارسي (1978ع)، (6) ڪليات سڪندر (1980ع)، (7) ديوان سڪندر، (8) رياض جرار، (9) نقوش عصمت (ترجمو: 2001ع)، (10) فضيلتِ زيارت عاشورا (2005ع)، (11) حلية المتقين (ترجمو: 2006ع)،
(12) وظائف چهاره معصومين عليه السلام، (13) اوراد پنجگانه (پنجن وقتن جي نماز کانپوءِ پڙهجندڙ دعائن جو مجموعو) وغيره.
سڪندر علي مرزا شروع ۾ ’سڪندر‘ تخلص اختيار ڪيو، پر پوءِ ’جرار‘ تخلص اختيار ڪيائين. مرثيه گوئيءَ کانسواءِ مرثيه خوانيءَ ۾ به ماهر هو. 1983ع کان علامه سيد امتياز علي زيدي امروهويءَ جي صحبت ۾ اچڻ کانپوءِ دنياوي زندگي ترڪ ڪري ورد وظيفن ۽ خدا جي عبادت ۾ مشغول رهندو هو. انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا لاءِ ڪتابن ۽ تصويرن جي فراهميءَ ۾ سهڪاري رهيو آهي. صوم و صلواة جو گهڻو پابند هو.
سڪندر علي مرزا، 73 سالن جي ڄمار ۾ جمعي جي ڏينهن 12 جمادي الثاني 1433هه/ 4 مئي 2012ع تي وفات ڪئي.
سندس اولاد ۾ به ساڳيو علمي ۽ ادبي لاڙو موجود آهي. سندس پٽ صفدر حسين ميرزا نوجوان ليکڪ ۽ اديب آهي، جيڪو سنڌي ۽ فارسيءَ تي ملڪو رکي ٿو ۽ سندس ڪيترا تحقيقي مقالا ۽ مضمون شايع ٿيل آهن، هن شاهه جي گنج کي پڻ الف- ب وار ترتيب ڏئي ڇپرايو آهي.


لفظ سڪندر علي مرزاھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1940.01.05  عيسوي

ناميارو اديب ۽ محقق مرزا سڪندر علي بيگ ’جرار‘، حيدرآباد ۾ ٽنڊي آغا پاڙي جي علمي ادبي مرزا گهراڻي ۾، 5 جنوري 1940ع، جمعي جي ڏينهن تي پيدا ٿيو.


2012.05.04  عيسوي

سڪندر علي مرزا، 73 سالن جي ڄمار ۾ جمعي جي ڏينهن 12 جمادي الثاني 1433هه/ 4 مئي 2012ع تي وفات ڪئي.



اديب - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

اسرار شام
خانائي حامد علي قريشي
رئيس ڪريم بخش نظاماڻي
نذير احمد چنا
جي ايم مهڪري ڊاڪٽر
طارق اشرف
رانجهن ماسٽر رانجهن
چانڊيو عبدالحئي پروفيسر
رحيمداد مولائي شيدائي
شمس الدين شمسي
اديب ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون